خير بخش مري، نواب

خير بخش مري، نواب

خير بخش مري نواب

خير بخش مري، نواب: بلوچستان جي قومي رهنما ۽ ناليواري سياستدان نواب خير بخش خان ولد سردار مهر الله خان مريءَ جو جنم 1923ع ڌاري ڪوئٽا ۾ ٿيو. ڏهن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. سندس والد مري قبيلي جو سردار هو، جنهن کان پوءِ سندس چاچي سرداريءَ جا فرض سر انجام ڏنا. هن چيفس ڪاليج لاهور مان تعليم مڪمل ڪئي. 1950ع ۾ کيس بلوچستان جي مري قبيلي جو سردار منتخب ڪيو ويو. 1956ع ۾ هن سياست ۾ پير پاتو. هيءُ سبيءَ جي تڪ تان مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1962ع ۾ هي صدر ايوب جي دور حڪومت ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. خير بخش خان مري 1970ع وارين عام چونڊن ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان بعد هو قومي اسيمبليءَ جي سيٽ خالي ڪري صوبائي اسيمبليءَ ۾ عطاءُ الله مينگل جي ڪابينا ۾ وزير طور شامل رهيو. خير بخش خان مريءَ جي سنڌ ۾ سياسي طور سائين جي ايم سيد سان تمام گهڻي ويجهڙائي رهي. ون يونٽ جي قيام کانپوءِ ائنٽي ون يونٽ موومينٽ ۾ سردار خير بخش خان مري، سردار عطاءُ الله خان مينگل ۽ بلوچستان جا سمورا اڳواڻ جي. ايم. سيد سان گڏ هئا ۽ سنڌ وانگر بلوچستان ۾ به ائنٽي ون يونٽ فرنٽ قائم ڪيو ويو هو. سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد (پختونخوا) صوبن جي گڏيل جدوجهد سان ئي اڳتي هلي ون يونٽ ٽٽو ۽ 1 جولاءِ 1970ع تي صوبن جي تاريخي حيثيت بحال ٿي. نومبر 1978ع ۾ سردار خير بخش مريءَ تي سياسي نااهلي جي ڪميشن ستن سالن لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي بندش وجهي ڇڏي. 1975ع ۾ بلوچستان ۾ مري قبيلي خلاف آپريشن دوران کيس سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. اڳتي هلي نواب خير بخش مري 1980ع ڌاري پاڪستان ڇڏي ٻاهر هليو ويو ۽ 1992ع ۾ واپس بلوچستان آيو. 1993ع وارين چونڊن ۾ سندس 2 پٽ نوابزاده چنگيز خان مري ۽ سردار گزين خان مري بلوچستان صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊيا ويا. سردار خير بخش خان مريءَ کي بلوچستان جي قومپرست رهنمائن ۾ اهم حيثيت حاصل آهي. هو ابتدا کان وٺي بلوچستان جي قومپرست تحريڪ جي رهنمائي ڪندو آيو آهي. سندس فرزند مير بالاچ خان مري پڻ بلوچ قومپرست اڳواڻ هو جيڪو مبينا طور افغانستان بارڊر تي نيٽو حملي ۾ مارجي ويو هو. خير بخش مري روانيءَ سان سنڌي ڳالهائيندو آهي. سندس شمار خطي جي اهم ۽ لائق سياستدانن ۾ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.07.01  عيسوي

سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد (پختونخوا) صوبن جي گڏيل جدوجهد سان ئي اڳتي هلي ون يونٽ ٽٽو ۽ 1 جولاءِ 1970ع تي صوبن جي تاريخي حيثيت بحال ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏاهري عبدالقادر
ايم ايڇ پنهور
حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري
محمد سومار ٿيٻو
جيلاني سيد شيراز شاهه
سلطان مقيم بيگلار جي نياڻي
پير رکيل ريلائي
بولو کيدو
سعيده گوپانگ
شيرين عبادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون